حڪمران پاڻ دهشتگردن جي پٺڀرائي رهيا آهن، سنڌ ۾ ظلم ٿي رهيو آهي:عمران خان

شڪارپور (ڊ ر) تحريڪ انصاف، شڪارپور سانحي جي شهداءَ ڪميٽي جي لانگ مارچ جي حمايت ڪري ڇڏي، عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪمران پاڻ دهشتگردن جي پٺڀرائي رهيا آهن، سنڌ ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، نوجوان اڳتي اچن ۽ تبديليءَ لاءِ تيار رهن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان شڪارپور پهچي دهشتگردي جو شڪار ٿيل امام بارگاهه ڪربلا معليٰ جو دورو ڪيو جڏهن ته شهيدن جي وارثن سان عذر خواهي پڻ ڪئي. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته هــُو شهداءِ ڪميٽي پاران شڪارپور کان ڪراچي تائين اعلانيل لانگ مارچ جي حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌ پوليس کي سياسي بڻائي تباهه ڪيو ويو آهي، پوليس جي نظام کي درست ڪرڻو پوندو نه ته دهشتگردي جو خاتمو ناممڪن آهي. عمران خان چيو ته سنڌ ۾ ماڻهن کي اغوا ڪرڻ سڀ کان وڏو ڪاروبار بڻيل آهي، حڪومت پاڻ دهشتگردن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت شهيد ڀٽي جي نالي تي عوام جو رت چوسي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ جو پئسو هارين کي نه پيو ملي، وڏيرا ۽ سياستدان سنڌ جو پئسو کاهي رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ 257 ماڻهن کي زنده ساڙيو ويو، نواز شريف ڇا پيو ڪري؟ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم به پوليس کي سياسي بڻايو آهي. عمران خان چيو ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ملڪ ۾ رهي عوام جا مسئلا حل ڪن. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سينيٽ چونڊن جي ٽڪيٽن تي ڪرپشن ٿي رهي آهي، 20 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري سينيٽر بڻجندڙ عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندو؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *