حڪمران غريب ماڻهن جو تيل ڪڍي مٿي تي پيا هڻن وار پوءِ به نه ڦٽندا: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪمران غريب ماڻهن جو تيل ڪڍي مٿي تي هڻي رهيا آهن پر وارا پوءِ نه نڪرندا. اسلام آباد ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيئرمين خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ 80 سيڪڙو صارف جو تلق غريب طبقي سان آهي، تنهن باوجود حڪومت 35 رپيه لٽر وارو تيل عوام کي 80 رپين ۾ وڪرو ڪري رهي آهي، غريب صارفين کي 2 رپيه يونٽ واري بجلي ستن رپيه في يونٽ وڪرو ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سي پيڪ جي سڪيورٽي جي نالي تي بجلي صارفين کان 17 ارب رپيه اوڳاڙيا پيا وڃن. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي بقايا جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته اهڙن وڏن باقيدارن مٿان 246 ارب 90 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بقايا آهي جيڪي فوت ٿي ويا يا ڪاروبار بند ڪري ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *