حڪمران اهو ٻڌي ڇڏين ته ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين:سيد خورشيد شاهه

هنگورو(رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري قائم ٿي،ڀٽوڪٽنب ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ سڀني کان گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.پنو عاقل ويجهو هنگورو ۾ پُل هي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ امن امان آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ڪوششن سبب ٿيو،پاڪ فوج دهشتگردن خلاف ڀرپور آپريشن به ڪيو ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو.سندس چوڻ هو ته نيب جڏهن پنجاب جو منهن ڪري ٿي ته ڪير پر ڪٽڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته وري ڪنهن جي ساهه واري رڳ تي لت آئي آهي،ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته وزيراعظم نوازشريف به نيب بابت ڳالهيون ڪري عوام کي پريشان ٿو ڪري.هُن چيو ته سياستدانن کي ڪرپشن جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ڪرپشن خلاف ويڙهه ڪرڻي پوندي.خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالاباغ ڊيم جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن،پر حڪمران اهو سمجهي ڇڏين ته اسان کي ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي،ڪالاباغ ڊيم بابت اسانجو موقف ساڳيو آهي،جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو خيال آهي ته دل مان ڪڍي ڇڏي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي قربانين سبب ملڪ ۾ جمهوريت جو ٻج پيو،جهڙي طرح ڀٽو خاندان هن ملڪ ۽ قوم لاءِ قربانيون ڏنيون آهن اهڙي طرح ڪنهن به ناهن ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *