حڪمرانن ذاتي ملز کي بچائڻ لاءِ غريبن جي فصلن ۽ آبادين کي ٻوڏ ۾ لوڙهيو: طاهرالقادري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته حڪمرانن ذاتي ملون بچائڻ لاءِ غريبن جي فصلن ۽آبادين کي ٻوڏ جي حوالي ڪري ڇڏيو پاڪستان عوامي تحريڪ اقتدار ۾ اچي فصلن جي انشورنس ڪندي ٻوڏ جي بچاءُ لاءِ وقت کان اڳ انتظام ۽ ڪنهن به نقصان جي صورت ۾ ان جو ازالو ڪيو ويندو عوامي تحريڪ اقتدار ۾ اچي هارين کي مفت زمينون ڏيندي هر شهري کي انصاف ملندو ڪوئي ٿاڻو ڪنهن سان ناانصافي نه ڪري سگهندو اهڙو نظام ايندو جو هر شخص کي انصاف ملندو پاڪستان عوامي تحريڪ جو منشور ۽ منهنجوپيغام گهر گهر پهچائين اسان غريبن کي اقتدار ۾ آڻي خوشحالي ۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو اڏڻ چاهيون ٿا هن چيو ته نوازشريف ٻوڏ متاثرن سان ڪوڙ ڳالهايو متاثرن کي پئسا نه ڏيڻا هئا ته انهن سان دوکو ڇو ڪيو حڪمرانن کي قلم 420 تحت جيل اماڻيو وڃي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جي ٻن مهينن جا يوٽيلٽي بل معاف ڪيا وڃن قوم جو ليڊر جو جيڪڏهن ڪرپٽ ۽ نااهل هجي ته پوءِ عوام بک بدحالي جو شڪار ٿي ويندي ۽ ليڊر جيڪڏهن سچو ۽ ديانتدار هوندو ته هر شهري خوشحالي واري زندگي گذاريندو اهڙن خيالن جو اظهار هن چنيوٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جي عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو ان مد ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ امداد به ورهائي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *