حڪمرانن جي اشرافيا ۾ واحد سياستدان آهن جو هڪ ٻئي جي دشمني ۾ سبقت وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن: خواجه آصف

اسلام اباد(م.ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو ته حڪمرانن جي اشرافيا ۾ واحد سياستدان آهن جو هڪ ٻئي جي دشمني ۾ سبقت وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن اسان جون ساٿين جون  پاڙون ڪٽين ٿا ٻين ادارن جا اوزار بڻجن ٿا ته جمهوريت جو نقصان ٿئي ٿو،  ايوان جي ڪنهن به ميمبرن جي حقن تي ضرب اچي ٿي ته ان جو سڀ دفاع ڪيو، تقاضا آهي ته اسپيڪر جي ڪرسي کان هن ايوان جي هر ميمبر جو تحفظ ٿئي، خورشيد شاهه جي ٽن ورهين جي رويي جو شاهد آهيان، هن ايوان جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ ڪئي، خدانخواسته اهو وقت اوهان تي آيو ته اسان بچاءَ ڪنداسين، ٻاهر اڄ ان ڪري احتجاج ڪيو جو اسان کي اسپيڪر جي ڪرسي مان مايوسي ٿي، اوهان جون وفاداريون اسان جي حلف تي حاوي نٿيون ٿي سگھن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *