حڪمرانن جون چوريون پڪڙيون ويون، هاڻي لفظ به انهن جو ساٿ نه پيا ڏين: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪمرانن جي چوري پڪڙي وئي آهي هاڻي ته انهن کي لفظ به ساٿ نه ڏئي رهيا آهن حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ حسب معمول مڪمل ڪاغذ پيش نه ڪري ڪيس کي ٽاري ڇڏيو، حڪومت کي عدالتي حڪمن موجب سمورا ڪاغذ عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجن جماعت اسلامي جو موقف چٽو آهي ته حساب سڀني جو ٿئي اهو ئي عوام جو نعرو آهي. هڪ طبقو ان آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي 8 مهينا گذرڻ باوجود ڪنهن به اداري پاناما پيپرز تي ڪو به ايڪشن نه ورتو. سينيٽر سراج الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ حسب معمول مڪمل ڪاغذ پيش نه ڪري ڪيس کي ٽاري ڇڏيو آهي.  هن چيو ته عوام ڪرپشن جي حوالي سان قانون جي جنگ جي ڪاميابي چاهي ٿو ۽ ڪرپشن ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ چاهي ٿو. ڪرپشن سبب پاڪستان سڄي دنيا ۾ بدنام ٿي رهيو آهي هن چي وته حڪومت قوم جا 8 مهينا ضايع ڪيا آهن هن چيو ته نيب جو ڪم صرف ڪرپشن جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ نه پر ايڪشن وٺڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *