حيدرآباد ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگر سميت 3 ڄڻا فوت

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ گهر جي ڇ ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگر سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، سائيٽ ايريا جي محمدي چوڪ وٽ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، وارثن ۽ پاڙيوارن واقعي بعد ٽنهي جا لاش ٻاهر ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيا، فوتين ۾ 70 سالن جو ابراهيم، 4 سالن جو نينگر صابر ۽ 47 سالن جو يوسف شامل آهن، واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *