حيدرآباد ۾ ”پاڻي ڪانفرنس“ ڀاشا سميت سمورا ڊيم رد، نئين پاڻي معاھدي جي گھر

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ”پاڻي ڪانفرنس“ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ سنڌ جي قومپرست اڳواڻن، دانشورن ۽ پاڻي ماهرن ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن کي رد ڪرڻ سان گڏ پاڻي جي ورهاست کي ناانصافي تي مبني قرار ڏنو آهي. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته 1945ع واري سنڌ پنجاب پاڻي معاهدي جي روشني ۾ نئون پاڻي معاهدو ٿيڻ گھرجي.  ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سنڌو نديءَ جو مسئلو ٽي رخو آهي. هڪ پاسي لنڪ ڪئنالن ۽ ڊيمن وسيلي پنجاب سنڌو درياهه تي قبضو ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان کان ٻاهر چين سنڌوءَ تي ڊيم ٺاهي رهيو آهي. افغانستان ڪابل نديءَ تي شهتوت ڊيم سميت پاڻي ذخيري ڪرڻ جون 12 رٿائون جوڙي رهيو آهي. ٽئين پاسي سنڌو درياهه کي موت جي ور چاڙهي ”ڊيڊ رور“ ۾ بدلايو پيو وڃي. جنهن ڪري درياهه جي وجود جو سوال پيدا ٿي ويو آهي. سنڌو درياهه سنڌ جي لائيف لائين آهي. ان کان سواءٍ سنڌ پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندي. ان ڪري 1945ع واري سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه جي روشني ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ نئون پاڻي ٺاهه ٿيڻ گھرجي. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته ڊيلٽا ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب ساحلي علائقا تباهه ۽ ويران ٿي ويا آهن. سڄي سنڌ تباهي جي ور چڙھي وئي آهي. سنڌ حڪومت پاڻي مسئلي تي اسٽينڊ وٺڻ ۽ درست فيصلا ڪرڻ بجاءِ سنڌي عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي. هو ارسا ۽ سي سي آءِ ۾ ڪوبه وزنائتو موقف اختيار نه ٿي ڪري. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب سان گڏ پ پ به سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۾ ملوث آهي. جيڪڏهن وڌيڪ هڪ به ڊيم ٺهيو ته سنڌ تباهه ٿي ويندي. ان ڪري سنڌوءَ تي ڪوبه ڊيم نه ٺھڻ گھرجي. ڪانفرنس کي سنڌ عوامي فورم جي چئيرمين جان محمد جوڻيجو،  پروفيسر مشتاق ميراڻي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، انجنيئر اوڀايو خشڪ، محمد علي خشڪ، حبدار ميرجت، هالار رتڙ، نور نبي راهوجو، امير آزاد پنهور، صبا سنڌي، مس ممتاز جھلڻ، پنهل ساريو، مسرور شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.