حيدرآباد ۾ حددخليون هٽائڻ دوران چاپڙ ڪرڻ سبب ۲ دڪاندار فوت، ۴ ڄڻا زخمي، علائقي واسين جو احتجاج، عملو فرار

حيدرآباد(بيورو)  حيدرآباد سول اسپتال وٽ حد دخليون هٽائڻ دوران دڪان جي ڇت جي لٽيل ڇاپڙ ڪرڻ سبب ٦ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمن جا سور نه سهي ٻه دڪاندار فوت ٿي ويا، هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي، علائقي واسين پاران سخت احتجاجي مظاهرو، حددخليون هٽائيندڙ عملو فرار ٿي ويو. حيدرآباد جي سول اسپتال جي ديوار سان لاڳاپيل حددخليون هٽائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه جي نگرانيءَ ۾ ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد جو عملو پهچي ناجائز طور ڪيل اڏاوتون دڪان، ڪئبنون ۽ ٻيون اڏاوتون هٽائي رهيو هو ته ڊاهيل دڪان جي ملبي جو سامان کڻڻ دوران دڪان جو لٽڪيل ڇاپڙ اوچتو ڪري پيو، جنهن سبب ٦ ڄڻا ان جي هيٺان دٻجي زخمي ٿي پيا، بلديه عملو ماڻهن کي ڪڍڻ بدران واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ملبي هيٺان ڦاٿل ٦ ماڻهن کي ڪڍي اسپتال ۾ پهچايو جتي ٻه زخمي طاهر قاضي ۽ ساجد راڄپر زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ۳ زخمي ڪريم قاضي، محبوب، اطهر زيدي، فهد گاڏهي ۽ آصف زير علاج آهن، جن مان فهد گاڏهي جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي. هوڏانهن اهڙي واقعي خلاف علائقي واسين گڏ ٿي بلديه ۽ ضلعي انتظاميا خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي. علائقي واسي ۽ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته بلديه عملي جي نااهلي ۽ غيرذميوارانه عمل جي ڪري ٻه نوجوان فوت ٿي ويا ۽ ۴ ڄڻا سخت زخمي ٿيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته حددخليون هٽائڻ واري عمل ۾ شامل ضلعي انتظاميا ۽ بلديه جي عملي خلاف ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ ٿيل نقصان جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *