حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، داخلائون ميرٽ تي ڏيڻ جو اعلان

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جو چوڻ هو ته مان بحريه ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض جو دلي شڪار گذار آهيان  مان اڄ تائين ملڪ  رياض سان ناهيان مليو الله تعليٰ ملڪ رياض کي اسان لاءِ فرشتو ڪري موڪليو آهي  الطاف حسين جو چوڻ هو ته مان يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ آصف زرداري جو شڪر گذار آهيان پر جيڪڏهن زرداري صاحب جي دوري ۾ يونيورسٽي جو اعلان ٿئي ها ته سٺو هو ڪاش! منهنجي ۽ زرداري صاحب جي وچ ۾ غلط ماڻهو نه اچن ها ايم ڪيو ايم جي قائد جو چوڻ هو ته تعليم انسان ۾ بردباري ۽ برداشت پيدا ڪري ٿي تعليم ئي انسان لاءِ ترقي جون راهون کولي ٿي، تعليم حاصل ڪرڻ واريون قومون اڄ سپر پاور بڻجي ويون آهن پر اسان 68 سالن کانپوءِ به ڪشڪول کڻي گهمون پيا، هن اعلان ڪيو ته يونيورسٽي ۾ داخلائون صرف الطاف حسين جي رشتيدارن کي نه ملنديون پر صرف ۽ صرف ميرٽ تي ٿينديون  ان کان اڳ بحريه ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض ۽ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو تقريب کي خطاب ڪندي ملڪ رياض چيو ته الطاف حسين جي نالي سان يونيورسٽي بڻائڻ جي هدايت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪئي هئي هن جامعه لاءِ زمين به مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر بحريه ٽائون طرفان باقاعده قيمت ادا ڪئي وئي بحريه ٽائون جي چيئرمين چيو ته جيڪو ڪم شروع ڪري رهيا آهيون ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي الطاف حسين يونيورسٽي 80 ايڪٽر رقبي تي تعمير ٿيندي جنهن تي 2 ارب روپيا خرچ ٿيند، يونيورسٽي کي 2 سالن ۾ تيار ڪئي ويندي يونيورسٽي جو نقشو نيئر علي دادا تيار ڪيو جڏهن ته نجيب هارون ڪنٽيڪٽر  آهي جيڪو ان يونيورسٽي جي تعمير ڪندو هن جو اهو به چوڻ هو ته الطاف حسين يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ به ڏني ويندي ۽ هر ٻولي ڳالهائيندڙن ۽ سمورن مذهن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي داخلا ڏني ويندي ٻي يونيورسٽي کان هن يونيورسٽي جي فيس گهٽ رکي ويندي ملڪ رياض چيو ته انسانيت جي خدمت سان ئي الله تعاليٰ  جي خوشنودي حاصل ڪري سگهجي ٿي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ علاج جي شمع روشن ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته سياست ۾ نه اينداسين ان موقعي تي خطاب ڪندي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ الطاف حسين جو خواب هو جيڪو پورو ٿي رهيو آهي الطاف حسين کي تعليم سان محبت آهي هميشه تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڳالهائيندو رهيو ڇو ته الطاف حسين صرف سياستدان ئي نه پر هڪ فلاسفر ۽ استاد به آهي عشرت العباد جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي لاءِ ڀرپور تعاون تي ملڪ رياض ۽ آصف زرداري جا شڪر گذار آهيون اسان شڪرگذار آهيون ته ملڪ رياض نوابشاهه ۾ بينظير ڀٽو جي نالي سان يونيورسٽي بڻائڻ جي درخواست قبول ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *