حيدرآباد لڳ ٻه ٽرينون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، 3 فوت، ڪيترائي زخمي، انگ وڌڻ جو خدشو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي ڀرسان مڪي شاهه ڦاٽڪ وٽ 2 ريل گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيون جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته فوتگين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. حيدرآباد اسٽيشن جي سپريٽنڊنٽ جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان لاهور ويندڙ جناح ايڪسپريس پنهنجي ئي پٽڙي تي پهرين کان بيٺل مال گاڏي سان ٽڪرائجي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ مسافر ريل جي انجڻ مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جڏهن ته ڪيتريون ئي بوگيون به پٽڙي تان لهي ويون. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ٽرين ڊرائيور سميت 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ٻين زخمين کي به اسپتال اماڻيو پيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪمشنر حيدرآباد کي مسافرن جي هر قسم جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ٻڌايو ته هن وقت جي اطلاعن موجب حادثي ۾ مسافر ريل جو ڊرائيور، اسسٽنٽ ڊرائيور ۽ هڪ گارڊ به فوت ٿي ويو. هن چيو ته حادثو ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ۽ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي وچ ۾ پيش آيو جنهن ۾ ڪنهن به مسافر جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن. ايس ايس پي ريلوي پوليس شهلا قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪراچي کان لاهور ويندڙ جناح ايڪسپريس معمول جي موجب پنهنجي پٽڙي تي هئي پر مال گاڏي پٽڙي تان لهي وئي جنهن جي ڪري حادثو پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *