حيدرآباد: تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، پي پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائڪل جي ٽڪر ۾ پي پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. گهوڙا گرائونڊ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سبزي مارڪيٽ جو راهوسي 40 ورهين جو محمد يوسف آرائين ۽ سندس پٽ فرقان آرائين ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ميمڻ سوسائٽي جو راهوسي ڪار ڊرائيور ڪاشف ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو… زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي ڌم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٽنهي فوتين جا لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي سبب روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون…

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *