حوصله بلند آهن، ملڪ جي هر ڪنڊ مان دهشتگردن جو صفايو ڪنداسين: جنرل راحيل شريف

راولپنڊي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف پشاور ۾ شوال آپريشن دوران ڇنڇر ڏينهن شهيد ٿيل آفيسر ۽ جوانن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جوانن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق آچر ڏينهن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف پشاور جو دورو ڪيو، جتي هن شوال ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿيل فوجين جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ڪور هيڊ ڪوارٽرز ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت پڻ شريڪ هئي. ان موقعي تي آرمي چيف شهيد جوانن جي ڪٽنبن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. بعد ۾ هن سي ايم ايڇ پشاور ۾ زخمي فوجين جي عيادت ڪئي. دوري دوران آرمي چيف ڪور هيڊ ڪوارٽر پڻ ويو جتي کيس ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان شوال ۾ آپريشن جي تازي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. آرمي چيف اتر وزيرستان ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو دهشتگردن کي سندن ٺڪاڻن مان ڪڍڻ لاءِ جاري آپريشن جي حتمي مرحلي تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي شوال ۾ مشڪل پهاڙي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف بلند حوصلي سان وڙهندڙ فوجين جي خدمتن جو اعتراف ڪندي آرمي چيف چيو ته اسان جو اهو عزم آهي ته دهشتگردن جو ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ پيڇو ڪنداسين ۽ سندن سمورا ٺڪاڻا تباهه ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *