حوثي باغين سان مفاهمتي يادداشت ناڪام ٿيڻ جو خدشو آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جـَي يـُو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، يمن معاملي جو حل سفارتي ذريعي سان ڪڍڻ تي زور ڏنو ويو آهي، خطي ۾ امن لاءِ ايران کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولا فضل الرحمان چيو ته سعودي عرب جو تحفظ حرمين شريفين جي تحفظ سان مشروط آهي. هن چيو ته پاڪستان يمن جي معاملي تي سنجيده موقف اختيار ڪيو آهي، معاملي جو پر امن ۽ سفارتي حل ڪڍڻ تي زور ڏنو ويو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته حوثي باغين سان مفاهمتي يادداشت ناڪام ٿيڻ جو خدشو آهي، پاڪستان خطي جي ملڪن سان گڏجي يمن معاملي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري، ان لاءِ ايران کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ جي يو آءِ جي سربراهه چيو ته استعيفائن باوجود ايوان ۾ آيل اجنبي آهن، تحريڪ انصاف جي پارليامينٽ ۾ واپسي بابت  کين اسپيڪر جي رولنگ قبول ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *