حوثي باغين تي پابندين لاءِ  سلامتي ڪائونسل جو اجلاس، ٺهراءَ پيش

گڏيل قومون(م.ڊ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اڄ يمن جي حوثي باغين ۽ انهن جي حامي اڳواڻڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ بابت ٺهراءُ تي گڏيل راءِ ورتي ويندي.خابرو اداري اي پي ڪي مطابق اردن جيڪو يمن جي حوثي باغين خلاف آپريشن عظمِ طوفان ۾ سعودي عرب جو حصو آهي، پنهنجي ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو آهي ته باغي قبضي هيٺ آيل علائقا ڇڏي ڏين. ٺهراءُ ۾ يمني باغين کي هٿيارن تان پهچ تي به پابندي لاڳو ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.انکانسواءِ حوثي باغين جي اڳواڻ  عبدالمالڪ الحوثي ۽ ان جو حامي اڳوڻو صدر علي عبدالله صالح جي پٽ احمد علي جي ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ ان تي سفري پابندي لاڳو ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي.واضع رهي ته يمن جي اڳوڻي صدر عندالله ۽ حوثي باغين جي ڪيترن ئي اڳواڻن تي گذريل سال نومبر ۾ به انهيءَ قسم جون پابنديون لاڳو ڪيون ويون هيون. اهو ٺهراءُ گڏيل قومن جو پهريون ٺهراءُ هوندو جنهن ۾ يمن ۾ سعودي عرب ۽ ان جي حامي خليجي ملڪن جي مداخلت کانپوءِ ووٽنگ ڪئي ويندي. جيتوڻيڪ اهو خدشو آهي ته سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر روس ان ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *