ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي وزيراعظم بڻجڻ بابت اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي شادي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندي يا 2023 ۾ ٿيندي. منظور وساڻ سيڪريٽري زراعت جي آفيس ۾ ڀاڻ جي ڊيلرن سان گڏجاڻي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته عمران خان جو مستقبل سٺو نظر نٿو اچي، هاڻ عمران خان کي اقتدار نه ملندو، عمران خان پاڪستان جو گوربا چوف آهي. هن چيو ته عمران خان جيئن پاڪستان هلائي پيو ائين ئي سنڌ کي به هلائڻ چاهي ٿو. منظور وساڻ نوازشريف بابت اڳڪٿي ڪندي چيو ته مارچ کان پهريان نواز شريف کي پاڪستان ايندي نه پيو ڏسان ۽ مولانا فضل الرحمان کي ڪي پي ڪي ۾ حصو ملي ويو هاڻ انکي نه ملندو، هاڻ پيپلزپارٽي جو وارو آهي، جي ڊي اي سان جيڪي قوتون گڏ هيون انهن هنن کان هٿ ڪڍي ڇڏيو آهي، ايم ڪيوايم پهريان ڏنڊي جي زور تي کٽيندي هئي هاڻ اها به ڪمزور ٿي چڪي آهي. منظور وساڻ وفاقي وزير حماد اظهر کي سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ ۽ ڪوٽا گهٽ ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته حماد اظهر سنڌ جي يوريا ڀاڻ جون ڏيڍ لک ٻوريون ڪوٽا گهٽائي اسان جو ڀاڻ پنجاب کي ڏنو آهي، سنڌ جو ڪوٽا گهٽائي اسمگلنگ ڪيو ويو، وفاق سنڌ ۾ کوٽ پيدا ڪري ناانصافي ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، يوريا ڀاڻ جي ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته آهي ڊيلرن کي حصي جي پوري ڪوٽا ڏين نه ڪارروائي ڪئي ويندي. منظوروساڻ چيو ته خبر ناهي ته عمران خان جي سنڌ سان ڪهڙي دشمني آهي، پهريان ڪڻڪ پوءِ کنڊ ۽ هاڻ سنڌ کي ڀاڻ نه پيو ڏنو وڃي، سنڌ کي نقصان ڏيڻ جو مطلب آبادگارن کي نقصان پهچائڻ آهي. زراعت واري صلاحڪار چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پي پي پي ۽ ن ليگ ۾ مقابلو ٿيندو.