حمائما جي جعلي تصويرون وائرل ڪندڙن کي وارننگ

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان اداڪارا حمائما ملڪ پنهنجون جعلي تصويرون ڦهلائيندڙ خلاف سوشل ميڊيا پيجز کي قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي.اداڪارا حمائما ملڪ جي انسٽاگرام اسٽوري جو اسڪرين شارٽ سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته منهنجون ڪجهه اعتراض جوڳي انداز ۾ ايڊٽ ڪيل تصويرون انٽرنيٽ تي ڦهلايون پيون وڃن.حمائما چيو ته انتهائي شرمناڪ حرڪت آهي، ڪير ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهي.اداڪارا طرفان سوشل ميڊيا تي موجود پنهنجي فين پيجز کي درخواست ڪئي ته مهرباني ڪري انهن تصويرن کي ختم ڪيو ٻئي صورت مان ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪنديس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *