حليم جي حرڪتن سبب پي ٽي آئي ملير ضلعي مان صاف ٿي وئي: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ملير ۾ پولنگ ڏينهن تي حليم عادل شيخ جي حرڪتن جي ڪري ضلعي مان پي ٽي آئي جو صفايو ٿي ويو آهي. ملير جي جمهوريت پسند ۽ باشعور عوام کيس اوقات ياد ڏياري ڇڏي آهي. صوبائي وزير پنهنجي جاري  بيان ۾ چيو آهي ته حليم عادل شيخ پي ايس -88 ۾ مقامي اميدوار جي بدران پنهنجي دوست کي ٽڪيٽ ڏياري جنهن کي حليم عادل شيخ پنهنجي تڪ پي ايس- 99 جيترا به ووٽ نه ڏياري سگهي. صوبائي وزير چيو ته اسان جي وزير اعليٰ سنڌ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ وارن کان هاڻي انهن جا پنهنجا مقامي عهديدار استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن گذريل ڏينهن پي ٽي آئي ملير جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته حليم عادل شيخ اليڪشن ڏينهن تي ڊرامو ڪيو ۽ کائنس استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. صوبائي وزير چيو ته ساڳئي صورتحال سينيٽ اليڪشن ۾ به نظر اچي رهي آهي ۽ سينيٽ جي ٽڪيٽن جي ورهاست تي پوري صوبي مان پي ٽي آئي جا پنهنجا ماڻهو انهن تي الزام مڙهي رهيا آهن. هن چيو ته حليم عادل شيخ جنهن به پارٽي ۾ ويو آهي ان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي ويندو آهي.   

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *