حقيقي زندگي ۾ ماءُ هئڻ فلم ۾ ماءُ جو ڪردار نڀائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو : ايشوريا راءِ

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ايشوريا راءِ بچن چيوآهي ته ماءُ طور هوءَ پنهنجي نئين فلم ”جذبه” ۾ پنهنجي ڪردار کي حقيقي معنيٰ ۾ ادا ڪري رهي آهي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ايشوريا راءِ فلم ”جذبه” ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. لا ڪاليج ۾ فلم جي مشهوري دوران هن چيو ته حقيقي زندگي ۾ ماءُ جو تجربو ٿيڻ فلم ۾ ماءُ جو ڪردار بهتر نموني ادا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به ڪردار کي بهترين طريقي سان نڀائڻ لاءِ ان ۾ چائي جو نظر اچڻ ضروري آهي ۽ تجربو ان کي حقيقي بڻائي ڇڏي ٿو. فلم ”جذبه” 9 آڪٽوبر تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *