حقيقي زندگي ۾ ماءُ آهيان، ڪردار ۾ ماءُ بڻجي گهڻي خوشي محسوس ٿيندي آهي: شلپا شيٽي

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي چيو آهي ته فلمن ۾ ڪيترائي ڪردار ادا ڪيا پر مونکي ماءُ بڻجڻ واري ڪردار ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ اهو احساس سڀني شئين مٿان حاوي آهي. شلپا شيٽي جو چوڻ هو ته ڪردار ۾ ان کي ماءُ بڻجي گهڻي خوشي محسوس ٿيندي آهي ڇو جو هوءَ به هڪ ماءُ آهي، خدا ان کي ”ويوان“ جي شڪل ۾ اولاد عطا ڪري قيمتي تحفي سان نوازيو آهي. شلپا شيٽي 2009ع ۾ واپاري راج ڪندرا سان شادي ڪئي هئي، شلپا شيٽي 2014ع ۾ ”دي گريٽ انڊين ڊائٽ“ لانچ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي يوٽيوب فٽنيس چينل شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ هو ڪم ڪرڻ وارين مائرن کي يوگا، ساهه کڻڻ جا طريقا، سلاد ۽ صحت مند غذائن سان پاڻ کي فٽ رکڻ جون ترڪيبون ٻڌائيندي آهي. ڊگهي قد جي شلپا شيٽي بازيگر فلم ذريعي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ ان کان پوءِ ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ڏنيون. سندس مشهور فلمن ۾ بازيگر، ڌڙڪن، ڦر ملينگي، مين کلاڙي تو اناڙي، اوزار، گيمبلر، گرو، قرض، هٿيار، فريب، پرديسي بابو، آگ، اپني، ضمير، آئو پيار ڪرين، انڊين ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *