حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو نيٽ ورڪ موجود آهي: ترجمان پاڪ فوج

اسلام آباد (بيورو) پاڪ فوج  جي اداري آءِ ايس پي آر جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا جو وفاقي وزير سڌ سماءُ پرويز رشيد سان گڏ ڪانفرنس ڪندي چيو ته تمام  گهٽ ٿيندو آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ فوجي جاسوس پڪڙجي پئي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي جاسوس کي گرفتاري ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ تمام وڏي ڪاميابي آهي، ان پريس ڪانفرنس جو مقصد ڀارتي ايجنٽ ڪل بهوشن ياديو جي باري ۾ تفصيل ڏيڻ آهي، جنرل عاصم ٻڌايو ته بهوشن ياديو انڊين نيوي ۾ حاضر سروس آفيسر آهي، جنهن ڀارتي ڳجهي ايجنسي ۾ شموليت حاصل ڪئي، را ۾ شموليت کانپوءِ ڪل بهوشن ياديو سڪريب جي ڊيلر به بڻيو ۽ ايران جي علائقي چاه بهار ۾ جيولري جو ڪاروبار به ڪيو، جنرل عاصم مڃيو ته هي حقيقت آهي پاڪستان ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو نيٽ ورڪ موجود آهي، هن چيو ته ڪل بهوشن ياديو جي مشن ۾ ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون ڪرڻ آهي، هن جاسوس جو سڌو را ۽ ڀارتي حڪومت سان رابطو آهي. ڪل بهوش ياديو جو ڪوڊ your Monkey with us هو، گرفتاري وقت ڪل بهوشن ياديو وٽان غير ملڪي ڪرنسي ۽ نقشا پڻ برآمد ٿيا آهن، جنرل عاصم جو چوڻ هو ته ڀارت جيڪڏهن انڪار ڪري رهيو آهي ته ان کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪل بهوشن ياديو جو حدف گوادر پورٽ ۽ اقتصادي لنگهه منصوبو هو، مهراڻ بيس جي فنڊنگ به ڀارتي ايجنٽ جي علم ۾ آهي، گرفتار ڀارتي جاسوس ڪراچي ۾ فرقه وارانه ٽارگيٽ فورس بڻائڻ جي به ڪوشش ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *