حقاني نيٽورڪ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي خبر کي ڀليڪار چئون ٿا: آمريڪا

واشنگٽن(م.ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته حقاني نيٽورڪ ۽ ٻين انتهاپسندي تنظيمن تي پابندي جي خبر خوشي جوڳي ڳالهه آهي، ان سان پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون روڪڻ ۾ مدد ملندي، واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي ترجمان ميري هارف چيو ته حقاني نيٽورڪ ۽ وڌيڪ 10 يا 11 انتهاپسند تنظيمن تي پابندي سان دهشتگردي تي قابو آڻڻ ۾ مدد ملندي، جان ڪيري جي پاڪستاني دوري جي موقعي تي پاڪستاني اختيارين دهشتگردي جي خاتمي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته آمريڪا، پاڪستان سان سيڪيورٽي پارٽنرشپ ۾ اضافو چاهي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ ميري هارف چيو ته پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي پاڪستاني حڪومت تي واضه ڪري چڪا آهيون ته دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪرڻيون پونديون، ڇوته اهي پاڪستان عوامي لاءِ خطرو آهن پاڪستاني عوام کان وڌيڪ شايد ئي ڪو دهشتگردي جو نشانو بڻيو هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *