حقاني نيٽورڪ هاڻ ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي؛ميجر جنرل عاصم باجوه

اسلام آباد (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصم باجوه چيو آهي ته حقاني نيٽورڪ هاڻ ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي، آپريشن ضرب عضب کان پهريان دهشتگردن کي فرار ٿيڻ جو رستو ڏيڻ جو تاثر بلڪل غلط هي آمريڪا جي دوري دوران آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو دوران ڪجهه حلقن طرفان آپريشن ضرب عضب تي شڪن کي رد ڪري ڇڏيو ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن کي فرار ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ سرحد پار فورسز کي خبردار ڪيو ويو هو، پاڪ فوج بنا ڪنهن فرق جي سمورن دهشتگردن جو صفايو ڪري رهي آهي پاڪ فوج جي ترجمان واضح ڪيو ته هن وقت خيبرايجنسي ۾ آپريشن جو مقصد دهشتگردن کي قدم ڄمائڻ کان روڪڻ آهي جنهن لاءِ پوري ملڪ ۾ به انٽيليجنس جي بنياد تي به ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن ميجر جنرل عاصم باجوه چيو ته آرمي چيف جي آمريڪي دوري سان وڌيڪ اميدون لڳائڻ ٺيڪ ناهي دهشتگرد خلاف جنگ ۾ پاڪستانين جي قربانين جو اعتراف ئي هن دوري جو اصل حصول هوندو. ٻئي طرف باڙه ۾ 10 دهشتگردن فوسز آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ۽ هٿيار ۽ بارود به فورسز حوالي ڪري ڇڏيو آهي پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 10 دهشتگردن طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانپوءِ آپريشن ۾ هينئر تائين 350 دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪري چڪا آهن جن ۾ 20 اهم ڪمانڊر به شامل آهن، ياد رهي ته اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن جي نتيجي ۾ خيبر ايجنسي ويندڙ دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج آپريشن خيبر ون شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڪاميابي سان جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *