حفيظ اوپنر طور ٽيسٽ ۾ وڌيڪ ڀيرا ففٽي پلس اسڪور ٺاهيندڙ چوٿون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

شارجه(اسپورٽس نيوز) محمد حفيظ اوپنر طور ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ ڀيرا ففٽي پلس اسڪور ٺاهيندڙ چوٿون پاڪستاني پليئر بڻجي ويو. حفيظ انگلينڊ خلاف جاري ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ شاندار اننگز کيڏي هم وطن بيٽسمين محمد حنيف جو اوپنر طور وڌيڪ ڀيرا ففٽي پلس اسڪور ٺاهڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، حنيف محمد 19 ڀيرا اهو ڪارنامو انجام ڏنو هو. پاڪستان طرفان اوپنر طور وڌيڪ ڀيرا ففٽي پلس اسڪور ٺاهڻ جو اعزاز سعيد انور وٽ آهي. هن 36 ڀيرا اهو ڪارنامو انجام ڏنو. شارجه ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن حفيظ انگلش بالرز جو مقابلو ڪيو ۽ شاندار اڌ سينچري مڪمل ڪئي. حفيظ 97 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ان سان گڏ هو اوپنر طور وڌيڪ ڀيرا ففٽي جو نمبر پار ڪندڙ چوٿون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي. مدثر نذير 24 ڀيرا ان اعزاز سان ٻئين ۽ توفيق عمر 21 ڀيرا اعزاز سان ٽئين نمبرتي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *