حسن نواز کي پيش ٿيڻ جو حڪم، عدالت کي مطمئن نه ڪرڻ تائين ڪلين چٽ نه ملندي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس جاچ ڪميشن ڪيس ۾ ڌُرين کي الزامن جي حوالي سان دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ 15 نومبر تائين جي مهلت ڏيندي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس بابت چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران شريف فيملي جي وڪيل سلمان اسلم بٽ وزير اعظم نواز شريف جي ٻارن مريم نواز، حسن ۽ حسين نواز جا جواب داخل ڪرايا. مريم نواز پاران داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته هو 2009ع کان پهرين پرڏيهه ۾ هئي، 2009ع کانپوءِ هو پنهنجو ٽيڪس باقاعدگي سان ادا ڪري رهي آهي. جڏهن ته حسن نواز ۽ حسين نواز پاران داخل جواب ۾ چيو ويو ته اسان ٻئي ڀائر ڪيترن ئي سالن کان پرڏيهه ۾ آهيون، ٻئي ڄڻا بالغ آهن ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، ٻنهي وٽ ڪو به سرڪاري عهدو نه آهي، وزير اعظم نواز شريف جو سندن ڪاروبار سان ڪو به واسطو نه آهي. ان موقعي تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي تمام سادو ڪيس آهي، جيستائين عدالت کي مطمئن نه ڪيو ويندو تيستائين ڪلين چٽ نه ڏني ويندي، حسين نواز عدالت ۾ پيش ٿي مطمئن ڪري، ڪمپنين جي ملڪيت جو اعتراف ڪرڻ کانپوءِ عدالت کي مطمئن ڪرڻ مالڪن جو ڪم آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته دستاويز ڪميشن آڏو پيش ڪيا وڃن اُتي ڪير به مهلت نٿو گهري سگهي، ان تي شريف خاندان جي وڪيل چيو ته اسان دستاويز جمع ڪرائي ڇڏينداسين، عدالت ڪميشن ٺاهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪميشن جو اعلان سڀني معاملن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويندو،  جنهن کانپوءِ عدالت ڌُرين کي الزامن بابت دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ 15 نومبر تائين جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ليگي اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ پي ٽي آءِ رهنما جهانگرين ترين کان 15 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ حنيف عباسي جي درخواست جي سماعت ٿي. ان موقعي تي ليگي اڳواڻ جو موقف اختيار ڪيو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين جي به آف شور ڪمپنيون آهن هن چيو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين پنهنجن گوشوارن ۾ اهي ڪمپينيون لڪايون جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سربراهه 6 ڪروڙ رپين جي ماليت جو فليٽ جي خريداري کي ظاهر نه ڪيو نجي ٽي وي مطابق چيف جسٽس چيو ته هي فيصلو ٻي ڌر جو ٻڌي پوءِ ڪنداسين. حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ چيو آهي ته عمران خان، جهانگير ترين تي جرح ڪرڻ چاهيان ٿو. عمران خان پنهنجي پٺي تان به ڪپڙو لاهي ڏيکاري عمران خان جي آف شور ڪمپني آهي تحريڪ انصاف فارين فنڊ واري پارٽي آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان نوٽيس جاري ڪيا آهن وڪيل چيو ته سڀني جو برابر احتساب ٿيڻ گهرجي 15 نومبر تي منهنجي درخواست لارجر بئنچ جي اڳيان ٻڌي وڃي عدالت عمران خان ۽ جهانگير ترين کي نوٽيس ڪندي ٻڌڻي 15 نومبر تائين روڪي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *