حسن علي پي ايس ايل جون شروعاتي ميچون نه کيڏي سگهندو

 

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اسٽار فاسٽ بالر حسن علي گوڏي جي انجري سبب پاڪستان سپر ليگ ٿري جي شروعاتي ميچن دوران ايڪشن ۾ نه هوندو.حسن علي نيوزيلينڊ جي دوري دوران آخري ٽي ٽوئنٽي کان اڳ زخمي ٿي پيو هو ۽ هينئر تائين مڪمل ريڪور ناهي ٿيو جنهن سبب هو پاڪستان سپر ليگ جون ٽي کان چار ميچون نه کيڏي سگهندو.ان جي ڪور جي طور تي پشاور زلمي ٽيم ۾ عميد آصف کي شامل ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف پشاور سپليمنٽري ويسٽ انڊيز جي ايوين لوئس کي به اسڪواڊ مان رليز ڪري ڇڏيو آهي.لوئس ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ ويسٽ انڊيز سان مصروفيتن سبب پاڪستان سپر ليگ لاءِ موجود نه هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *