حساس ادارا پاڪستان کي غير مستحڪم ڪندڙ عنصرن خلاف ڪاروايون ڪن: آرمي چيف

اسلام آباد: (بيورو) اسلام آبادآرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته حساس ادارا پاڪستان کي غير مستحڪم ڪندڙ عنصرن خلاف ڪاروايون ڪن، دشمن ايجنسيون پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿيون، ملڪي بچاءَ ۽ استحڪام ۾ ڳجهي ادارن جو ڪردار لازوال آهي، مادرِ وطن جي بچاءَ لاءِ فوج وڏيون قربانيون ڏنيون، دشمن ايجنسين جي مقابلي لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ مهم شروع ڪئي وڃي. هو هتي آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جمعي ڏينهن آرمي چيف آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي کيس آءِ ايس آءِ ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ملڪي اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشن تي بريفنگ ڏني، جنهن تي آرمي چيف دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ آءِ ايس آءِ جي موثر ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دهشتگردن خلاف ڪارواين ۾ آءِ ايس آءِ جو ڪردار قابل فخر آهي، دهشتگردي روڪٿام لاءِ انٽيليجنس ايجنسين جو موثر ۽ مضبوط ڪردار ضروري آهي، انٽيليجنس ادارن جون ڪاروايون قابل واکاڻ آهن. هن انٽيليجنس ادارن ۾ رابطن کي وڌائڻ لاءِ چيو، هن چيو ته آءِ ايس آءِ جون اڪثر ڪاميابيون عوام سامهون نٿيون اچن، ملڪ دشمن ايجنسيون پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿيون، دشمن ايجنسين خلاف موثر مهم شروع ڪئي وڃي. آرمي چيف چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس ايجنسيون جديد طريقيڪار به اختيار ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *