حد دخلين هڪ ڏينهن اندر ختم نه ٿينديون، چاهيون ٿا ڪنهن جو گهر نه ڊهي: وڏو وزير

بدين/تلهار (نمائندن وٽان/اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بدين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ آئون گهڻو خوش آهيان ان ڪري ته جيڪو نيڪ ڪم اسان شروع ڪيو هو هاڻي هڪ بهترين ادارو بڻجي چڪو آهي. اسان پي پي پي ماڊل بڻايو ۽ انڊس نيٽورڪ بهترين ڪم ڪيو. آئون انڊس وارن کي سيوهڻ آڻڻ چاهيندو هوس پر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو انهن کي بدين وٺي آيو. جڏهن بدين ڊي ايڇ ڪيو تيار ٿيو ته ان وقت کيس نيڪالي وارو نظام تعمير ٿي نه سگهيو هو. اسان جلد نيڪالي وارو نظام جوڙي ڏنو. جسماني بحالي مرڪز  جتي هٿراڌو عضوا ٺاهيا ۽ لڳايا وڃن ٿا، پاڪستان جو چوٿون سينٽر ٿيندو. مون سينٽر ۾ هڪ ٻار جي بحالي ڏٺي. ٻار سجاول جو هو، هاڻي اهو گهمي ڦري سگهي ٿو، اهو ڏسندي مونکي خوشي ٿي. مون ڊاڪٽر باري کي چيو هو ته جڏهن هو چاهيندو اسان نرسنگ انسٽيٽيوٽ ٺاهي ڏينداسين. اوهان پلان ٺاهي ڏيو ته ايندڙ ڏهن سالن اندر ڊي ايڇ ڪيو کي ڪيئن ڏسو ٿا. وڏي وزير چيو ته اسان وسيلن جي کوٽ منهن ڏئي رهيا آهيون تنهن هوندي به اسان صحت جي شعبي ۾  ڪم ڪرڻ بند ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي نون ڊاڪٽرن ۾ محنت جي جذبو گهٽ آهي. آئون جيڪڏهن ڪنهن به اجلاس ۾ پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهان ته اهو صحت بابت اجلاس هوندو آهي. آئون ڪنهن مريض کي تڪليف ۾ نٿو ڏسي سگهان. آئون چاهيان ٿو ته 6 هزار ڊاڪٽر مقرر ڪري ڇڏيان ڇوته اسان کي ڊاڪٽرن جي ضرورت هئي، جڏهن سڀ ڪليئر ٿي ويا ته ميل ۽ فيميل ڊاڪٽرن جو مسئلو ڪَرُکنيو. اهو فارمولو به مون ئي جوڙي ڏنو هو، مون ئي انهن ڊاڪٽرن کي مراعتون ڏنيون ڇوته اهي بهتر ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي ڊاڪٽر سياست ۽ سول بيوروڪريسي ۾ اچي ويا پر اهي هينئر به پنهنجي نالي اڳيان ڊاڪٽر لکن ٿا. اسان ڪيترا به سٺا اسپتال ٺاهيون پر ڊاڪٽر نه هوندا ته عمارت بيڪار آهي. اسان کي نرسز، ٽيڪنيشن به گهرجن. اسان کي پنهنجو پلان بڻائڻو آهي ته ڪيترا ڊاڪٽرز ڪهڙي مهارت جا گهرجن. هن چيو ته آئون خانگي ڊونرز  جو ٿورائتو آهيان جنهن اسان جو هٿ ونڊايو. بدين جا ڪجهه ماڻهو آهن اهي پنهنجي ئي شهر جون برائيون ڪن ٿا. اهي ڪڏهن به نٿا چون ته بدين ۾ سٺا روڊ ۽ اسپتال هجن. اسان کي شهيد بينظير ڀٽو جي اصولن تي هلڻو آهي. بدين جي عوام اسان تي چونڊن ۾ اعتماد ڪري پنهنجي خدمت جو موقعو ڏنو. اسان بدين ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف لاءِ انسٽيٽيوٽ ٺاهينداسين. تعليمي بورڊز ۾ هڪ مافيا هو جنهن کي اسان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جڏهن اسان سان گڏ آهي ته اها الڳ ٿيڻ جي ڳالهه نه ڪري. حددخليون کي هڪ ڏينهن اندر ختم ڪرڻ ڏکيو آهي، اسان فقط اهو چاهيون ٿا ته ڪنهن جو به گهر نه ٽوڙيو وڃي. سپريم ڪورٽ به گهر نه ٽوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. نوان قبضا ڪرڻ نه ڏينداسين. 23 ڊسمبر 2019 تي ٿيندڙ سي سي آئي جي اجلاس ۾ آرٽيڪل 158 تي عملدرآمد جي ڳالهه ڪئي هئي. سڀني آرٽيڪل 158 کي ڪليئر ڪرڻ جو چيو. سي سي آئي جا اڃان منٽس نه آيا آهن. آئون ته وزيراعظم کي خط لکيو هو پر هن اڃان منٽس جو انتظار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سي سي آئي ۾ 8 ميمبر هوندا آهن، جنهن مان 5 ڄڻن پاران ڳالهه مڃڻ تي کين ٿورائتو آهيان. ويڪسينيٽرز جي معيار کي به بهتر بڻائينداسين ۽ کين تعينات ڪنداسين. 20 ارب رپيا پاڻي جي رٿائن لاءِ سڄي صوبي لاءِ رکيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ جيڪا ايراضي جي رقم ڏني وئي آهي اها سنڌ جي آهي. اهي فنڊز سنڌ جي عوام جي اسڪيمن لاءِ آهن. اسان سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪريون ٿا ته جيڪي اوهان اسڪيمن تي عملدرآمد لاءِ بينچ جوڙيو ۽ ان کي مانيٽر ڪريو پر اهي ايراضي جا پيسا سنڌ کي ڏيو. ٽڊي دل جو مسئلو آهي، کيس روڪٿام جي ذميداري وفاقي پروٽيڪشن کاتي جو ڪم آهي. آئون انهن کي 10 ملين رپين جي گرانٽ ڏني ته جيئن ڪم ٿي سگهي. هاڻي اسين چين ۽ يو اي اي کان هيلي ڪاپٽر هائير ڪري ڦوهارو ڪرائينداسين. ان کان پهرين وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ تلهار/بدين شرن جو دور ڪيو. ان موقعي تي کيس گڏ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ۽ پيپلز پارٽي ايم پي اي الله بخش ٽالپر پڻ هئا. وڏو وزير  جيٽ/هوائي جهاز ذريعي پي اي ايف بيس تلهار تي لينڊ ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو تلهار ۾ پرتپاڪ استقبال ڪيو ويو. وڏي وزير تي گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ جئي ڀٽو جا نعرا لڳايا ويا. تلهار کان بدين ويندڙ روڊ تي وڏي وزير ۽ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جون تصويرون لڳل هيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو بدين پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روڊ تي لهي عوام کان مليو جتي ماڻهن وڏي وزير کي اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون پيش ڪيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي هڪ شخص بوسڪي پڳڙي پڻ پهرائي. وڏي وزير جي استقبال لاءِ روڊن جي ٻنهي پاسن کان عوام جو وڏو انگ موجود هو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ميمبر اسيمبلي تاج محمد ملاح جي گهر تي پارٽي ورڪرن سان ملاقات ڪئي. ماڻهن جو جوش ۽ جذبو ڏسي وڏي وزير چيو ته ايڏي وڏي انگ ۾ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عوام جي موجودگي پارٽي چيئرمين تي اعتماد جو ڏيک آهي. اسان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بدين جي مرڪزي بازار ۾ گاڏي کان لهي عوام کي مليو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بدين ۾ ضلعي هيڊڪوارٽرز اسپتال جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ڪراچي کانپوءِ هي واحد اسپتال آهي جنهن ۾ حادثن، ڪينسر ۽ شگر جهڙن موذي مرضن ۾ ورتل مريضن لاءِ عضوا ٺاهيا ويندا آهن. بدين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ سڀئي شعبا قائم ڪيا ويا آهن جنهن ۾ فقط ٻه ڊپارٽمنٽس نه آهن ۽ اهي ٻئي شعبا نفسيات ۽ برين سرجري جا آهن جنهن کي پوءِ قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته بدين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ روزاني 500 مريضن جي او پي ڊي ٿيندي آهي. بدين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انڊس اسپتال وارا هلائيندا آهن. بدين ڊي ايڇ ڪيو سنڌ حڪومت ۽ انڊس اسپتال جي ڪامياب پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ آهي ۽ اهو سنڌ جو واحد اسپتال آهي جيڪو پيپر فري آهي ۽ هتي سڀني مريضن جو ريڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ آهي. هن چيو ته بدين ڊي ايڇ ڪيو 5 هزار اسڪوائر فٽ تي تعمير ڪيو ويو آهي. اهو اسپتال سنڌ حڪومت 50 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو آهي جنهن ۾ ريڊ ڪراس ۽ آئي سي آر سي به 25 ملين رپين جا فنڊز ڏنا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جسماني بحالي مرڪز جو افتتاح ڪيو جتي هن مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ هٿراڌو عضوا تيار ٿيندڙ يونٽ جو به معائنو ڪيو. هن چيو ته ڏکوئيندڙ انسانيت جي خدمت ئي اصل خدمت آهي. سنڌ حڪومت جي صحت جي شعبي ۾ خدمتون گهڻي قدر بهتر ٿي ويون آهن.

ان کان پهرين وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ تلهار/بدين شرن جو دور ڪيو. ان موقعي تي کيس گڏ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ۽ پيپلز پارٽي ايم پي اي الله بخش ٽالپر پڻ هئا. وڏو وزير  جيٽ/هوائي جهاز ذريعي پي اي ايف بيس تلهار تي لينڊ ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو تلهار ۾ پرتپاڪ استقبال ڪيو ويو. وڏي وزير تي گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ جئي ڀٽو جا نعرا لڳايا ويا. تلهار کان بدين ويندڙ روڊ تي وڏي وزير ۽ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جون تصويرون لڳل هيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو بدين پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روڊ تي لهي عوام کان مليو جتي ماڻهن وڏي وزير کي اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون پيش ڪيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي هڪ شخص بوسڪي پڳڙي پڻ پهرائي. وڏي وزير جي استقبال لاءِ روڊن جي ٻنهي پاسن کان عوام جو وڏو انگ موجود هو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ميمبر اسيمبلي تاج محمد ملاح جي گهر تي پارٽي ورڪرن سان ملاقات ڪئي. ماڻهن جو جوش ۽ جذبو ڏسي وڏي وزير چيو ته ايڏي وڏي انگ ۾ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عوام جي موجودگي پارٽي چيئرمين تي اعتماد جو ڏيک آهي. اسان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بدين جي مرڪزي بازار ۾ گاڏي کان لهي عوام کي مليو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بدين ۾ ضلعي هيڊڪوارٽرز اسپتال جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ڪراچي کانپوءِ هي واحد اسپتال آهي جنهن ۾ حادثن، ڪينسر ۽ شگر جهڙن موذي مرضن ۾ ورتل مريضن لاءِ عضوا ٺاهيا ويندا آهن. بدين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ سڀئي شعبا قائم ڪيا ويا آهن جنهن ۾ فقط ٻه ڊپارٽمنٽس نه آهن ۽ اهي ٻئي شعبا نفسيات ۽ برين سرجري جا آهن جنهن کي پوءِ قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته بدين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ روزاني 500 مريضن جي او پي ڊي ٿيندي آهي. بدين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انڊس اسپتال وارا هلائيندا آهن. بدين ڊي ايڇ ڪيو سنڌ حڪومت ۽ انڊس اسپتال جي ڪامياب پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ آهي ۽ اهو سنڌ جو واحد اسپتال آهي جيڪو پيپر فري آهي ۽ هتي سڀني مريضن جو ريڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ آهي. هن چيو ته بدين ڊي ايڇ ڪيو 5 هزار اسڪوائر فٽ تي تعمير ڪيو ويو آهي. اهو اسپتال سنڌ حڪومت 50 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو آهي جنهن ۾ ريڊ ڪراس ۽ آئي سي آر سي به 25 ملين رپين جا فنڊز ڏنا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جسماني بحالي مرڪز جو افتتاح ڪيو جتي هن مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ هٿراڌو عضوا تيار ٿيندڙ يونٽ جو به معائنو ڪيو. هن چيو ته ڏکوئيندڙ انسانيت جي خدمت ئي اصل خدمت آهي. سنڌ حڪومت جي صحت جي شعبي ۾ خدمتون گهڻي قدر بهتر ٿي ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *