حددخلين خلاف مهم کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي: شرجيل ميمڻ جي عملدارن کي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سميت سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ ميونسپل ڪمشنرن کي هدايتون ڏنيون آهن ته حددخلين خلاف مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن قسم جو ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي. شهر ۾ سرڪاري زمينن، راندين جي ميدانن، پارڪن ۽ ٻين رفاحي ۽ فلاحي ۾ تي قائم غيرقانوني شادي هالن، ڪمرشل سرگرمين ۽ سياسي ۽ غير سياسي آفيسن جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي. شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ شهر کي روشنين جو شهر بڻائڻ لاءِ هر قسم جا اپاءُ ورتا وڃن. سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کي ترقيون ۽ انعام ڏنا ويندا، جڏهن ته جيڪي آفيسر ۽ ملازم ڪرپشن ۽ ڪم چوري ۾ ملوث هوندا انهن کي سندن نوڪرين مان برخاست ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس به قائم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير جمعي ڏينهن ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ حددخلين خلاف جاري مهم جي مانيٽرنگ دوران آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صوبائي وزير جي خصوصي هدايتن تي ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ غيرقانوني قبضن، شادي هالن ۽ سرڪاري زمينن، پارڪن، راندين جي ميدانن ۽ رفاحي ۽ فلاحي پلاٽن تي قائم قبضن جي خاتمي لاءِ جمعي تي مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۽ سينٽرل ۾ ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم جي سربراهي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ سوڪ لان ۽ فاران ڪلب کي مسمار جڏهن ته جونا ڳڙهه لان کي سيل ڪيو ويو. اهڙي ريت نارٿ ناظم ۾ فلورنس نالي شادي هال کي به مسمار ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ صوبائي وزير جي خصوصي هدايتن تي ايڊمنسٽريٽر سينٽرل ڪمال احمد گذريل ڏينهن سيل ڪيل ٻن غيرملڪي ريسٽورنٽ سميت گرين بيلٽ تي قائم سمورن دڪانن جي ڀتين کي مسمار ۽ ان گريٽ بيلٽ تي قائم ٻين قبضن جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ ايڊمنسٽريٽر سجاد احمد ميمڻ جي سربراهي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل بلديا ٽائون سميت مختلف علائقن ۾ قائم ڪيترن قبضن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ ڪورنگي ۾ ايڊمنسٽريٽر عبدالراشد صوبائي وزير جي هدايتن تي شاهه فيصل ڪالوني، لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ سرڪاري زمينن تي قائم قبضن جي خاتمي سميت مختلف راندين جي ميدانن ۽ پارڪن ۾ قائم قبضن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ ملير ۾ ايڊمنسٽريٽر طارق مغل ۽ ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ ايڊمنسٽريٽر افضل زيدي به پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ قائم قبضن خلاف مهم کي تيز ڪندي ڪيترن هنڌن تان قبضن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جمعي ڏينهن به ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ ڪيل ڪاررواين جي مانيٽرنگ ڪئي. ان موقعي تي هن ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ميٽروپوليٽن ڪراچي سميت سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ ميونسپل ڪمشنر کي هدايتون ڏنيون ته ان مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن قسم جو ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ قبضن خلاف جاري مهم جي عوام پذيرائي ڪئي آهي ۽ عوام انهن اپائن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته راندين جا ميدان ۽ پارڪ هن شهر جي عوام ۽ خاص ڪري ٻارن لاءِ مختص آهن ۽ هاڻ انهن تي ڪنهن قسم جو ڪوبه قبضو برداشت نه ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته افسوس آهي ته ماضي ۾ ناظمن ۽ ٽائون ناظمن پنهنجن اختيارن کان هٽي ڪري انهن راندين جي ميدانن ۽ پارڪن تي ڪمرشل سرگرميون شروع ڪرايون ۽ انهن هن شهر جي عوام ۽ ٻارن سان ناانصافيون ڪيون آهن. هن چيو ته غيرقانوني شادي هالن کي مسمار ڪرڻ سبب انهن ماڻهن کي ضرور پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جن پنهنجون هتي ٿيندڙ تقريبن لاءِ بڪ ڪرايو هو ۽ آئون انهن سمورن کان معذرت ڪريان ٿو، پر مونکي ان ڳالهه جو به افسوس آهي ته ان لينڊ مافيا ۽ قبضي مافيا خلاف ڪافي ڀيرا اخبارن، خانگي چينلز ۾ خبرن ۽ اشتهار ڏيڻ جي باوجود پنهنجي ان غيرقانوني ڪاروبار کي جاري رکيو ۽ ان جو نتيجو اڄ عوام کي به ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سالن کان ڪراچي ۾ جاري ان غيرقانوني ڪاروبار ۽ ان غيرقانوني سرگرمين جي خاتمي لاءِ ڪنهن کي ته پهل ڪرڻي ئي هئي ۽ اڄ مون ان جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جي پڄاڻي ان ڏينهن ٿيندي جڏهن سمورن راندين جي ميدانن، پارڪن ۽ ٻين سرڪاري زمينن کي انهن قبضن کان پاڪ نٿو ڪرايو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهر جي خوبصورتي لاءِ قائم گرين بيلٽس کي به ماضي ۾ ڪرپشن جي نظر ڪيو ويو ۽ ان تي ڪاروباري سرگرميون شروع ڪرايون ويون، پر هاڻ ان سموري گرين بيلٽس کي به ان لينڊ مافيا کان آزاد ڪرايو ويندو. ان موقعي تي هن سمورن ضلعن ۾ قبضن خلاف مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ان جا مثبت اثر عوام تائين تي به زور ڏنو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *