حامين کي گهرن مان نڪرڻ جي هدايت، نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سخت مزاحمت ڪبي: ذوالفقار مرزا

بدين (ڊ ر) اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي حامين کي بدين، تلهار، گولاڙچي ۽ ٽنڊي باگي جي آراوز آفيسن ٻاهران پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته هزارين ماڻهو ٻاهر نڪري مڪاني چوندن جا نتيجا تبديل ڪرڻ واري سازش کي ناڪام بڻائين. بدين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته سڄي سنڌ مان کٽڻ جي دعويدار پيپلزپارٽي بدين ۾ مينڊيٽ تسليم ڇو نه ٿي ڪري. هن چيو ته ووٽرن جي ڳڻپ دوران رينجرز کي هٽائي ايس ايس يو جا اهلڪار مقرر ڪري نتيجا تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته جمهوريت صرف زرداري جي ڪاميابي جو نالو آهي ته پوءِ اهي اهڙي جمهوريت کي قبول نه ٿا ڪن. سندس چو ڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ڏاڍ جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، جڏهن ته سندن ماڻهو پنهنجو مينڊيٽ کسڻ نه ڏيندا. هن چتاءُ ڏيندي چيو ته نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *