حال اھو آھي جو 22 ڪروڙ جي آبادي صرف 20 لک ماڻھو ٽيڪس ڏين ٿا: وفاقي حڪومت

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ٽيڪس ادا نه ڪندڙن تائين پهچي چڪا آهيون،بس رڳو سوئچ آن ڪرڻو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته اسان نوٽيس نه ڏينداسين، ٽيڪس ادا نه ڪندڙن کي ٻڌائينداسين ته سندن آمدني ڪيتري آهي، بهتر آهي اسان جي پهچڻ کان اڳ ٽيڪس ادا ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن آئون هن عهدي تي رهيس ته سڀني کي انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اسان سهولت ڏينداسين پر ٽيڪس ڏيڻو ئي پوندو، تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، اوهان ٽيڪس ڏيو، پوءِ حڪومت جو احتساب ڪيو. شوڪت ترين چيو ته گذر تي سيل ٽيڪس وفاق جو اختيار آهي، چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو ( ايف بي آر ) ٽيڪس ڏيندڙن جي زندگي کي سولو بڻائي ڇڏيو آهي، ٽيڪس جي ادائگي سان ئي ملڪ ۾ ترقي ٿي سگهندي، ٽيڪس جو نظام خود ڪار بڻائڻ لاءِ آسانيون پيدا ڪيون ويون آهن. ناڻي واري وزير خبردار ڪيو ته ڪجهه هفتن ۾ بنا نوٽيس ڏيڻ جي ٽيڪس نه ڏيندڙن وٽ ايف بي آر پهچي ويندو، ٽيڪس ڏيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ هراسان نه ڪيو ويندو، ٽيڪس کي سادو بڻائڻ سان وڌيڪ ٽيڪس ملندو آهي، جڏهن ڪو به ٽيڪس ادا نه ڪندو ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو، ٻين ملڪن ۾ اوهان ٽيڪس نه ڏيندا ته اوهان جو ووٽ ناهي ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان۾ رڳو 20 لک ماڻهن ٽيڪس ادا ڪن ٿا، هاڻي اهو سسٽم تبديل ٿيندو، ٽيڪنالاجي جي ذريعي ان شخص تائين پهچنداسين، پوءِ ٽيڪس ادا نه ڪيو ويو ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته 22 ڪروڙ جي آبادي مان رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ادا ڪن،اسان جي پهچڻ کان اڳ غير رجسٽرڊ ماڻهو ٽيڪس ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين. ناڻي واري وزير چيو ته ماڻهو وڏن گهرن ۾ رهن ٿا، وڏي گاڏين ۾ گهمن ٿا، پر ٽيڪس ادا نٿا ڪن، ماڻهو هوٽلن ۾ وڃي 30 هزار رپين جو هڪ ئي وقت ۾ کاڌو کائيندا آهن ۽ ٽيڪس گهٽ ڏيندا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *