حالتن کي بهتر بنائڻ جو واحد طريقو دهشتگردن جو مڪمل طور تي صفايو ڪيو وڃي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آيه ته حالتن کي بهتر بنائڻ جي واحد طريقو دهشتگردن جو مڪمل طور تي صفائي ڪئي وڃي عوام دهشتگردي خلاف حڪومت ۽ فوج جو مڪمل ساٿ ڏي اها ڳالهه صدر ممنون حسين ٽرائيبل ايريا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن صدر سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته دهشتگردن پنهنجي طرز عمل سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو مسلم اجتماعيت جو حصو نه آهن هن چيو ته الله تعاليٰ انهن جي دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي ان لاءِ انهن جي اصلاح به ممڪن نه آهي هاڻي حالتن کي بهتر بنائڻ جو واحد طريقو هي آحي ته دهستگردن جي مڪمل طور تي صفائي ڪئي وڇي صدر چيو ته قبائلي عوام دهشتگردي خلاف حڪومت ۽ فوج جو مڪمل ساٿ ڏي. ان موقعي تي ٽرائيبل ايريا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد پنهنجا مسئلا وفد جي آڏو رکيا وفد صدر کي ٻڌايو ته قبائلي علائقا انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس کان آجا آهن ۽ ڪجهه ادارن جي ڪري انهن تي عملدرآمد نه پيو ٿئي جنهن جي ڪري صنعت مسئلن جو شڪار آهي وفد صدر کي کاڻين جي ليز جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن کان به آگاهه ڪيو صدر ٽرائيبل ايريا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي قابل عمل تجويزون پوري تفصيل سان موڪلڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *