حارث رئوف ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز جي پليٽ فارم تان سڃاڻپ ٺاهيندڙ آسٽريليا جي بگ بيش ليگ کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پهچندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته مان انگلينڊ ان ٽارگيٽ سان وڃي رهيو آهيان ته مون /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 38

کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي. پهرين ٽيسٽ ۾ موقعو ملندو يا ٻئي ٽيسٽ ۾ پر منهنجي خواهش آهي ته 100 سيڪڙو پرفارم ڪريان. حارث رئوف پاڪستان طرفان هنيئر تائين صرف 2 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي چڪو آهي بنگلاديش جي خلاف ميچ ۾ حارث رئوف جو ٽي ٽوئنٽي ڊبيوح ٿيو. پي ايس ايل جي مشهور فرنچائز لاهور قلندر فاسٽ بالر کي ايترو تيار ڪيو آهي جو هو ڊبيوف کان اڳ ئي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ شهرت حاصل ڪري چڪو آهي. حارث رئوف کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ايمرجنگ  ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو ۽ هاڻ هو پاڪستان ٽيم سان گڏ انگلينڊ به وڃي رهيو آهي. حارث رئوف چيو آهي ته انگلينڊ ۾ ڊگهي دوري جو فائدو ٿيندو. اتي ڪنڊيشنز فاست بالرن جي لاءِ وڏيون فائديمند آهن ان ڪنڊيشن جو فائدو کڻنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *