حارث رئوف شاهد آفريدي کان معافي گهرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز)حارث رئوف شاهد آفريدي کي آئوٽ ڪرڻ کان پوءِ ان کان معافي گهرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. لاهور قلندر جي ٽيم ۾ شامل حارث رئوف شاهد آفريدي کان معافي گهرڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته اڳوڻو ڪپتان اسان جو سينئر رانديگر آهي.ايليمينيئر ٽو ميچ کان اڳ ئي سوچي رکيو هو ته جيڪڏهن اڳوڻي ڪپتان کي آئوٽ ڪيو ته روايتي جشن ملهائڻ جي بجاءِ اهو انداز  اختيار ڪندس.حارث رئوف چيو ته مشڪل وقت ۾ به لاهور قلندرز جي سپورٽ جاري رکندڙ پرستارن جو شڪر گذار آهيان ۽ ٽائٽل کٽي ان جي چهرن تي خوشيون وکيرڻ چاهيان ٿو.لاهور ۽ ڪراچي  وچ ۾ فائنل روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت جي مقابلن جهڙو هوندو ڄمي مقابلو ڪندي ٽرافي پنهنجي نالي ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *