حاجي سڳورن جي سعودي عرب کان ڏيهه واپسي جو سلسلو جاري، ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور هوائي اڏن تي آجيان

اسلام آباد (بيورو) حاجي سڳورن جي سعودي عرب کان ڏيهه واپسي جو سلسلو جاري آهي، پنجن مختلف اڏامن ذريعي پهتل حاجين جو ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور ايئرپورٽس تي شاندار استقبال ڪيو ويو. پي آءِ اي جي پهرين اڏام پي ڪي 6304، 374 حاجي سڳورن کي کڻي لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ پهتي، جتي حاجي سڳورن جو وارثن شاندار استقبال ڪيو. خانگي ايئرلائين ذريعي به 35 حاجين کي لاهور پهچايو ويو. پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 712 ذريعي 3 سئو کان وڌيڪ حاجي سڳورا ڪراچي ايئر پورٽ پهتا. سعودي ايئرلائين ۽ هڪ خانگي ايئر لائين ذريعي پڻ 5 سئو کان وڌيڪ حاجي سڳورن کي ڪراچي ايئر پورٽ پهچايو ويو. پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 6310 ذريعي 2 سئو کان وڌيڪ حاجي سڳورا اسلام آباد ايئر پورٽ تي پهتا، جتي سندن شاندار استقبال ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *