جڙتو پوليس مقابلو، سپريم ڪورٽ پاران سچل ڳوٺ ۽ سهراب ڳوٺ ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ، لاڙڪاڻي واسي شاگرد کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ سچل ڳوٺ ۽ سهراب ڳوٺ ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم ۽ جسٽس فائز عيسيٰ تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل شاگرد انيس الرحمان جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پاران ايس ايڇ او اسماعيل لاشاري ۽ ايس ايڇ او شعيب قريشي کي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. عدالت، ڊي آءِ جي سلطان خواجا کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عهدي تي ويٺل آفيسر کي معطل نه ڪيو ويندو، ان خلاف ڪير شاهدي ڏيندو. واضح رهي ته مقتول شاگرد جي والد انور سومري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس پٽ کي ايس ايڇ او اسماعيل لاشاري کنڀي 5 لک رپيا رشوت طلب ڪئي ۽ نه ڏيڻ تي کيس قتل ڪري طالبان ڄاڻائي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *