جڏهن فلمي دنيا ۾ پير پاتو ته والدين ان فيصلي جي مخالفت ڪئي هئي:پريانيڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته جڏهن هن فلمي دنيا ۾ پير پاتو ته سندس والدين سندس ان فيصلي جي مخالفت ڪئي هئي، پريانڪا چيو ته سندس قدامت پسند پنجابي خاندان فلمي دنيا ۾ پير پائڻ تي گهڻو خوش نه هو، انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي ادڪاريءَ وسيلي ڪاميابيءُ جون بلندين تائين پهچندڙ ڙ اداڪارا چيو ته 10 سال اڳ هن جڏهن فلمي دنيا ۾ اچڻ پئي چاهيو ته هن خاندان جي مزاحمت کي منهن ڏنو هو، هن چيو ته ڪجهه سالن کان پوءِ والدين مون کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ اختيار ڏنو ته جيڪو وڻي وڃي ڪيان، آئيفا ايوارڊ تقريب ۾ هن چيو ته سندس فلم ”دل ڌڙڪني دو“ ۾ نڀايل ڪردار هندستان جي اڪثريت عورتن جي ترجماني ڪري ٿو، هن چيو ته فلم ۾ جنسي برابري تي ڀرپور نموني ڳالهايو ويو آهي ۽ هو اميد ڪري ٿي ماڻهن کي فلم نه رڳو پسند ايندي پر هو ڪاميابيون به ماڻيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *