جڊيشل ڪميشن 2013 جي چونڊن کي ڪالعدم قرار نٿو ڏيئي سگهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن 2013 چونڊن کي ڪالعدم قرار نٿو ڏيئي سگهي ڌانڌلي ٿابت ٿيڻ تي وزيراعظم اسيمبليون ٽوڙڻ جو پابند هوندو جڊيشل ڪميشن جو مدو 120 ڏينهن هوندو اميد آهي ته تحريڪ انصاف اسيمبلي ۾ واپس اچي ويندي قانون تي عملدرآمد لاءِ ڪنهن ڌمڪي کان ڊڄڻ نه گهرجي اربع تي هتي پارليمينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه سيد خورشيڊ شاهه چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم سان ٿيل ملاقات ۾ جڊيشل ڪميشن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ڪميشن 120 0ينهن لاءِ جوڙيو ويندو جيڪڏهن ڪميشن جي رپورٽ مين (ن) ليگ ڌانڌلي جي ذميوار قرار ڏني وڃي ٿي ته سڪن سان گڏ آلا به سڙي ويندا هن چيو ته صاف ۽ ايماندار ميمبرن کي به گهرن ڏانهن وڃڻو پوندو جڊيشل ڪميشن 2013 چونڊون ۾ ڌانڌلي ٿي آهي يا نه هو چونڊن کي ڪالعدم قرار نٿو ڏيئي سگهي جڏهن ته هي رپورٽ ڏي ٿو ته ڌانڏلي ٿي آهي ته وزيراعظم کي اخلاقي دٻاءُ هوندو ته اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي هن توقع جو اظهار ڪيو ته تحريڪ انصاف پاڻ اسيمبلي ۾ واپس اچي ويندي هن چيو ته ڪراچي آپريشن بنا فرق جاري آهي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي نه پيو ٿيو ايم ڪيو ايم کي ڀت سان نٿا لڳائڻ چاهيون ايم ڪيو ايم ۾ ڪائي عسڪري ونگ آهي ته کيس ان کان لاتعلق ٿيڻ گهرجي ڪراچي آپريشن ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي شروع ڪيو ويو ايم ڪيو ايم ته فوجي آپريشن جي خواهشمند هئي خورشيد شاهه چيو ته لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي صرف هڪ جماعت جي خلاف نه هئڻ گهرجي پر سموري سياسي جمهوري جماعت تي هڪڙي پابندي هجي ۽ قانون تي عملدرآمد لاءِ ڪنهن ڌمڪي کان خفا نه ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *