لنڊن (م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه واضح ڪيو آهي ته جڊيشل ڪميشن ۾ ڪنهن ايجنسي جو نمائندو نٿو ويهي سگهي سپريم ڪورٽ جي جج سان جاچ آفيسر ويهي ته عدليه قانون ۽ آئين جي ڇا پوزيشن وڃي رهندي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ ڪنهن ايجنسي جو نمائندو نٿو ويهي سگهي عمران خان جي ان مطالبي سان سندس سياسي شعور جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ٻيهر سياسي جماعتن سان رابطا ڪندس خورشيد شاهه چيو ته ڌرڻو هڪ سياست آهي عمران خان کي اها ڳالهه اسان ٻڌائي رهيا آهيون ته اها ئي جمهوريت آهي ان کي ڊي ريل نه ڪيو وڃي جيڪڏهن آمريت هجي ها ته عمران خان کي شايد گهر کان نڪرڻ نه ڏنو وڃي ها.