جِتي آئين خاموش هُجي، اُتي عدالت جو ڪردار ختم ٿي ويندو آهي: پي ڊي ايم

پشاور (اين اين آءِ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اهڙيون ڪي شاهديون ناهن ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، 2018 جي چونڊن بابت موقف تي قائم آهيون. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ننڍي چونڊ دوران ڪرم ايجنسي ۽ ڊسڪا ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، جيڪا قبول ناهي، ڪرم ۾ جعلي ووٽ پڪڙيا ويا، پي ٽي آءِ اميدوار کي نااهل ڪرڻ گهربو هو، نتيجا تبديل ڪيا ويا ۽ نااهل اميدوار کي کٽرايو ويو، اهڙن نتيجن کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي ۾ پولنگ آفيسر يا ملوث آهن يا وري بي وس آهن، اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺڻ بجاءِ نتيجا روڪي ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ گهرجي، ڌانڌلي جنهن به سطح تي هجي ڌانڌلي آهي، اليڪشن ڪميشن ٻنهي تڪن ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائي. سندس چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت لاءِ سرپرائز اهو ئي هوندو ته اسان کٽي وينداسين، سينيٽ چونڊن جو اسلام آباد مارچ سان ڪو واسطو ناهي، طئي ٿيل فارمولي تحت 26 مارچ تي قافلا اسلام آباد ڏانهن ويندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *