جي ڊي اي قيادت اميدوارن ۾ ٽڪيٽون ورھائي ڇڏيو، 26 جون پ پ جي شڪست جو ڏينهن ثابت ٿيندو: راجا مبشر سنديلو

باقراڻي (رپورٽر) باقراڻي ۾ جي ڊي اي قيادت پنهنجي اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏئي ڇڏيون. باقراڻي تعلقي جي يوسي بخش جتوئي ايٽ احسان واهڻ جي اميدوارن کي ٽڪيون ڏنيون ويون. وڏيري واجد علي سنديلي ۽ مدثر عرف حيدري سنديلي جي اڳواڻي ۾ اميدوارن انڙ هائوس علي آباد پهچي جي ڊي اي اڳواڻن عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ کان پارٽي ٽڪيٽون وصول ڪري اي سي باقراڻي وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون. مڪاني چونڊن ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر لاءِ محمد خان ابڙو، چيئرمين لاءِ عبدالقدير جيسر، وائيس چيئرمين لاءِ راجا مبشر سنديلو پنهنجي پئنل سان گڏ چونڊ وڙهندا. ان موقعي تي اميدوارن جو چوڻ هو ته قيادت پاران اعتماد ڪرڻ تي سندن ٿورائتا آهيون، انڙ گروپ جي اڳواڻن جي اميدن تي پورا لهنداسين. وائيس چيئرمين لاءِ اميدوار راجا مبشر سنديلو چيو ته 26 جون پيپلز پارٽي جي شڪست جو ڏينهن ثابت ٿيندو، عوام جي خدمت کي عبادت سمجهون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *