جي بي جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

گلگت (اين اين آءِ) چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ ٿيل چونڊن ججي غير سرڪاري نتيجن تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منهنجي اليڪشن چورائي وئي. گلگت بلتستان جي قانون ساز اسيمبلي جي 24 هنن مان 23 سيٽن تي ٿيل چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن  وقت تائين غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 21 سيٽن مان 7 تي آزاد اميدوار جڏهن ته 8 تي پاڪستان تحريڪ انصاف جا اميدوار ڪامياب ٿيا، 3 سيٽون پيپلز پارتي جڏهن ته ٻه مسلم ليگ نه ۽ هڪ ايم ڊبليو ايم جي حصن ۾ آيون آهن. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اوهان جي مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، گلگت بلتستان جي ووٽ تي ڌاڙو هنيوويو آهي، پر هتان جو عوام اجازت نه ڏيندو ته هنن جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو وڃي. بلاول دعويٰ ڪئي ته 12 سيٽون کٽي رهيا هئاسين، سازش شروع ٿي ته اوهان جون سيٽون گھٽايون وڃن، سلام پيش ڪيان ٿو ڪنهن به پيپلز پارٽي جو ساٿ نه ڇڏيو، جاءِ جاءِ تي پيپلز پارٽي آهي ته پوءِ  ان ڪري هو گھٻرائڻ شروع ٿيا، هنن قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، وزيراعظم ۽ وزير به پهچي ويا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشنر جو ڪم ڌانڌلي کي روڪڻ هو، راتو رات پ پ اميدوار جميل کي هارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻن ووٽ تان پي ٽي آءِ کي کٽرايو ويو، اهي ماڻهو بيلٽ پيپر چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، آئون اوهان جي حقن تي سوديبازي نٿو ڪري سگھان، آئون اوهان سان گڏ بيٺل آهيان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *