جي ايف 17 ٿنڊر پيرس ايئر شو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان جو جي ايف 17 ٿنڊر جهازن ، هوائي فوج جي پائليٽن ۽ ٽيڪنيڪي سهڪارين تي ٻڌل ٽولو پيرس ايئر شو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانو ٿي ويو،هوائي فوج جي ترجمان ايئر ڪمانڊر ايس ايم علي مطابق فرانس جي ايئروسپيس انڊسٽري ايسوسئيشن پاران رٿيل91 ايئر شو جي شروعات 15 جون کان پيرس ۾ ٿيندي ۽ اها 21 جون تائين هلندي. ترجمان مطابق پاڪستان جو هڪ جي ايف 17 ٿنڊر جهاز مظاهري ۾ شامل ٿيندو، جڏهن ته ٻيا ٻه نماءُ لاءِ رکيا ويندا. پاڪستان ۽ چين جي گڏيل ڪوششن سان تيار ڪيل جي ايف 17 ٿنڊر جهاز ان کان اڳ به برطانيا، چين، ترڪي ۽ دبئي سوڌو پوري دنيا ۾ ڪيترن ئي ايئر شوز ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکاري چڪا آهن. جي ايف 17ٿنڊر هڪ ملٽي رول جهاز آهي جنهن کي چين جي ايوي ايشن انڊسٽري جي سهڪار سان هوائي فوج جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *