جي آءِ ٽي کي رد ڪرڻ توهين عدالت آهي، مخالفن ملڪ کي اونداهي ۾ ڌڪيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي جي آءِ ٽي تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، معاملي تي ڏڦيڙ واري سياست کان پاسو ڪيو وڃي. عمران خان جو وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ وٺڻ جو بيان عدالتي فيصلي جي ابتڙ آهي عوامي مينڊيٽ وزيراعظم وٽ امانت آهي انشاءَ الله وزيراعظم ايندڙ مرحلي ۾ به ڪامياب ٿي ويندو. هن چيو ته پي آءِ ٽي جو چيئرمين عمران خان جو وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ وٺڻ جو بيان عدالتي فيصلي جي برعڪس آهي يوٽرن وٺڻ عمران خان جي عادت آهي جڏهن ته عدالتي فيصلي کانپوءِ اها ڳالهه چٽي ٿي وئي آهي ته اسان جي سياسي مخالفن جو وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا ان کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي. ملڪي قانون ۽ آئين موجب عدالت جو پاناما جي حوالي سان جيڪو فيصلو آيو آهي ان ۾ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار نه ڏنو ويو آهي. پي ٽي آءِ کي اگر مگر ڇڏڻ گهرجي ۽ جي آءِ ٽي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *