جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع، ايس اي سي پي چيئرمين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) جي آءِ ٽي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪيس جي جاچ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ايس اي سي پي چيئرمين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ بابت ڪميشن جوڙڻ جي حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي. پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم  واجد ضياءَ جي سربراهي ۾ رپورٽ تيار ڪرڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾  جمع ڪرائي.ذريعن موجب جي آءِ ٽي طرفان قطري شهزادي حماد بن جاسم سان خطن جي مٽاسٽا جي جائزي سميت سمورن بيانن ۽ شاهدين کي دستاويزي شڪل ڏني وئي. پرڏيهه مان حاصل ڪيل شاهدين کي به رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته آڊٽ فورمز جي رپورٽ ۽ دبئي مان ملندڙ دستاويز به رپورٽ ۾ شامل آهن. جي آءِ ٽي طرفان وزيراعظم نواز شريف، حسن، حسين نواز، مريم نواز، ڪئپٽن صفدر، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، شهباز شريف سميت ٻين شخصيتن ۽ ادارن جي  سربراهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. واجد ضياءَ جي سربراهيءَ ۾ جي آءِ ٽي ٻن دٻن ۾ رپورٽ جا دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا جن مٿان شاهدي لکيل آهي. جي آءِ ٽي جي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ پاناما ليڪس بابت عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪرڻ بابت ڪميشن جوڙڻ جي درخواست رد ڪندي ملوث ماڻهو جو نالا ظاهر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت کي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۾ دلچسپي آهي ته ڀلي جوڙي، تصوير شايع ڪندڙ ذميوار جو نالو عام ڪرڻ جو اختيار حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته عدالت کي حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. هن چيو ته تصوير ليڪ ڪرڻ تي ڪميشن ٺاهڻ عدالتي اختيار ۾ ناهي، حڪومت عدالتي ڪلهو استعمال نه ڪري. سپريم ڪورٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ وارو معاملو اڪلائي ڇڏيو. اٽارني جنرل رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ايف آءِ اي، ايس اي سي پي چيئرمين ظفر حجازي جي رڪارڊ ٽيمپرنگ جي تصديق ڪندي مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ظفر حجازي جي وڪيل اعتراف ڪيو ته 10 مهينا پهرين رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪئي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته ظفر حجازي ماتحت آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ مٿن دٻاءُ وڌو. هن چيو ته ظفر حجازي پهريون الزامن کي رد ڪيو پوءِ چيو ته کيس ڄاڻ ناهي، ظفر حجازي ڪنهن جي چوڻ تي ٽيمپرنگ ڪئي اهو به ڏسڻو آهي.  ٻئي طرف عدالت جي آءِ ٽي بابت شايع ٿيل خبرن جو نوٽيس وٺندي جنگ گروپ جي ايڊيٽر انچيف مير شڪيل الرحمان، پبلشر مير جاويد رحمان ۽ دي نيوز جي رپورٽر احمد نوراني کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.  سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ جي ڪاپي اٽارني جنرل کي به ڏيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي ميمبرن کي ڪنهن تنگ ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي، ڌريون رجسٽرار آفيس مان رپورٽ حاصل ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *