جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو بيان بازي آهي ٻيو ڪجهه نه آهي، پيپلز پارٽي ساهيوال سانحي تي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي ساهيوال واقعي تي جي آءِ ٽي جي رپورٽ رد ڪندي چيو اهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو بيان بازي آهي ٻيو ڪجهه نه آهي (ق) ليگ جو حڪومت سان معاملو اندروني آهي (ق) ليگ اسان جي ڪلهي تي بندوق رکي نه هلائي پي ٽي آءِ جي ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ وڏو فرق آهي پنجاب جي حڪومت کي پنج مهينا ٿيا آهن ڊليور ڪرڻ جي اميد رکڻ نه گهرجي قطر مان سيڙپڪاري ايندي ته اسان کي خوشي ٿيڻ گهرجي اربع تي پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ٽين مني بجيٽ پيش ڪرڻ وااري اهي هن چيو ته حڪومت رفارمز جي صورت ۾ ٽيڪسز ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ چاهي ٿي خورشيد  شاهه چيو ته حڪومت واعدو ڪيو هو ته ڪشتو کڻڻ بدران خودڪشي ڪنداسين حڪومت قرض وٺڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ساهيوال سانحي جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ مان بلڪل مطمئن نه آيون جي آءِ ٽي جي رپورٽ رڳو بيان بازي آهي ٻيو ڪجهه نه آهي هن چيو ته حڪومت سان علحيدگي جو فيصلو (ق) ليگ کي ڪرڻو آهي هن چيو ته (ق) ليگ سان جي ڪلهي تي بندوق رکي نه هلائي سيد خورشيد شاهه چيو ته نوازشريف به پنهنجي زماني ۾ قطر کي سڀ کان وڏو دوست سمجهندو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *