جي آءِ ٽي جي جاچ تائين نواز شريف عهدي تان اسعيفيٰ ڏئي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ  ۾ اهڙو فيصلو ناهي آيو، سپريم ڪورٽ جي ججن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، جي آءِ ٽي بڻائڻ جو مقصد اهو آهي ته نواز شريف جي موقف کي رد ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته 2 ججن چيو ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي جڏهن ته پنجن ئي ججن نواز شريف جي ثبوتن کي رد ڪيو، نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، آئون قوم طرفان وزير اعظم کي چوان ٿو ته هو استعيفيٰ ڏئي، نواز شريف وٽ عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز ناهي، نواز شريف جو عهدي تي رهڻ ان ڪري بهتر ناهي جو هن خلاف جاچ ٿيندي، جي آءِ ٽي جي جاچ تائين نواز شريف استعيفيٰ ڏئي. هن چيو ته وزير اعظم ڪرسي تي ويٺو رهيو ته جاچ اثرانداز ٿي سگهي ٿي، اهو ائين ئي آهي جيئن عزير بلوچ تي جي آءِ ٽي جاچ ڪري رهي آهي، جي آءِ ٽي جي بڻجڻ سان وڌيڪ انڪشاف ٿيندا ۽ عوام روڊن تي نه نڪري ها ته ائين ڪڏهن به نه ٿئي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *