جيڪڏهن مزدورن کي مقرر ٿيل اجرت ادا نه پئي ٿئي ته پوءِ قانون ئي تبديل ڪيو ويندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ وفاق ۽ چئني صوبن کان گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي عملدرآمد بابت رپورٽ طلب ڪندي چيو ته جيڪڏهن مزدورن کي مقرر ٿيل اجرت ادا نه پئي ٿئي ته پوءِ قانون ئي تبديل ڪيو ويندو اڱاري تي جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جسٽس عظمت سعيد چيو ته مقرر اجرت جي ادائيگي حڪومتن جي ذميواري آهي معائنو ڪندڙ ليبر انسپيڪٽر ڀتو وٺي واپس وڃن ٿا هن چيو ته جيڪڏهن مزدورن کي مقرر اجرت ادا نه پئي ٿئي ته پوءِ قانون تبديل ڪئي وڃي سپريم ڪورٽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي عملدرآمد بابت اجرت جي حوالي سان شڪايتن جو رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌني ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *