جيڪڏهن فيصلي ۾ انصاف نظر نه آيو ته حڪومت انصاف کسڻ وارن سان گڏ نه بيهندي: فردوس عاشق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فيصلي ۾ انصاف نظر نه آيو ته حڪومت انصاف کسڻ وارن سان گڏ نه بيهندي. سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومتي قانوني ٽيم پرويز مشرف بابت تفصيلي فيصلي جو جائزو وٺندي، قانوني ماهر فيصلي جي قانوني سياسي ۽ سلامتي رخن جو جائزو وٺي حڪومتي نظريو سامهون رکنداسين. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جيڪڏهن فيصلي ۾ انصاف آهي ته حڪومت انصاف سان گڏ بيٺي آهي ۽ جيڪڏهن فيصلي ۾ انصاف نظر نه آيو ته حڪومت انصاف کسڻ وارن سان گڏ نه بيهندي. حڪومت قانون جي دفاع لاءِ بيٺي هوندي پر اپيل جو فيصلو ته مشرف صاحب وڪلين کي ڪرڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *