جيڪڏهن فارق ستار ڪانفرنس جي آڙ ۾ ڪراچي پيڪيج لاءِ لابي ٺاهي رهيو هو ته پ پ ان جو حصو نه پئي بڻجي سگهي : نثار کهڙو

ڪراچي(اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته شايد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي گهڻ جماعتي ڪانفرنس وفاقي حڪومت جي ڪراچيءَ لاءِ 25 ارب رپين جي پيڪيج لاءِ لابي ٺاهڻ هئي جيڪڏهن ڊاڪٽر فارق ستار ڪانفرنس جي آڙ ۾ ڪراچي پيڪيج لاءِ لابي ٺاهي رهيو هو ته پيپلز پارٽي ان جو حصو نه پئي بڻجي سگهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان لنڊن جي چوڻ تي ڪانفرنس ملتوي ڪئي هجي.اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ صوبائي وزير اطلاعات ناصر شاهه،وقار مهدي، راشد رباني ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم پاڪستان جي گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪرڻ بابت غلط بياني ڪئي آهي ۽ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن فاروق ستار اهڙا بيان ڏيندو ته اڳتي ڪهڙي سٺي رستي جي اميد رکي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ اسمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهارالحسن ڪانفرنس بابت ملاقات لاءِ وقت گهريو هو ۽ سندس اڳواڻيءَ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ملاقات ڪري صرف زباني ڪانفرنس جي ڳالهه ڪئي پر نه ڪانفرنس بابت دعوت نامو ڏنو ۽ نه ئي ڪانفرنس جو موضوع ٻڌايو ويو . هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي سندن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪا به يقين دهاني نه ڪرائي هئي ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو پارٽي قيادت جي مشاورت سان مشروط ڪيو هو ۽ پارٽي قيادت جي حڪم تي پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪٽر مخالف ڌڙا جيڪڏهن پاڻ ۾ ملي رهيا آهن ته ان ۾ اسان کي ڪو به اعتراض ناهي . نثار احمد کهڙو چيو ته ڊاڪٽر فارق ستار وضاحت ڪري ته هن تي زبردستي انضمام ڪرڻ لاءِ ڪير دٻاءُ وجهي رهيو آهي؟. نثار کهڙو چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جمهوريت جي خلاف سازش جي ڳالهه ڪري رهي آهي ته پوءِ ان جي پڻ وضاحت ڪري ته سازش ڪير ڪري رهيو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ هميشه جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي ۽ جمهوريت جي خلاف سازشن جو مقابلو ڪيو آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به جمهوريت جي خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻي آهي ۽ اسان ڪنهن فرد کي نه پر سسٽم کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته عمران خان جڏهن ڪنٽينر تي چڙهي سيٽي وڄن جي ڳالهه ڪئي هئي تڏهن به جمهوريت جو ساٿ ڏنو هو. هن چيو ته ميثاق جمهوريت جو معاهدو ٿيو ته پهريون نواز شريف ئي هو جنهن معاهدي جي خلاف ورزي ڪري اي پي ڊي ايم ٺاهي راهه فرار اختيار ڪئي. هن چيو ته بارش کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ادارن روڊن تان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *